استاد نبي بخش مڱڻهار

استاد نبي بخش مڱڻهار

استاد نبي بخش مڱڻهار

استاد نبي بخش مڱڻهار: ڪلاسيڪل راڳي استاد نبي بخش ولد محمد ملوڪ مڱڻهار 1938ع ڌاري ڳوٺ پارو چاچڙ ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. 20 سالن جو هو ته راڳ جي تربيت استاد مهر علي خان پنجاب واري کان ورتائين، جو استاد مراد علي گوالياري جو شاگرد هو. استاد نبي بخش راڳ ايمن ڪلياڻ ۽ ڀيم پلاس تي عبور رکندو هو. ڄام ساقيءَ کيس ريڊيو حيدرآباد تي آندو، جتي عنايت بلوچ سندس ست ڪلام رڪارڊ ڪري پيش ڪيا، جيڪي بيحد مقبول ويا. 1986ع ۾ لوڪ ورثه اسلام آباد پاران سندس محفل جي ڪئسٽ به تيار ڪئي وئي، جيڪا مقبول ٿي. شاهه لطيف، سچل، بلها شاهه، استاد بخاري ۽ اظهر گيلاني جا ڪلام خوب ڳائيندو هو. استاد نبي بخش جو وڏو پٽ مختيار احمد به سٺو ڳائي ٿو، باجو ۽ بينجو به وڄائي ڄاڻي، ٻيا فرزند امانت علي ۽ ممتاز ڍولڪ وڄائڻ جا ڄاڻو آهن، سندس ڀائٽيو محمد شريف به سٺو راڳي آهي. استاد نبي بخش مڱڻهار 2008ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ استاد نبي بخش مڱڻهارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.00.00  عيسوي

استاد نبي بخش ولد محمد ملوڪ مڱڻهار 1938ع ڌاري ڳوٺ پارو چاچڙ ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو


2008.00.00  عيسوي

استاد نبي بخش مڱڻهار 2008ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جهانگير بدر
آخوند حافظ ولي محمد
الهڏنو فقير ماڇي
رسول بخش خان ڀٽو
ابن مسڪويه
ڌناڻي محمد رفيق
جوليان پال اسانج
فاروق سولنگي
پرمل ديوي ۽ سوريه ديوي
احمد خان آصف مصراڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون